تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جو چوڻ آهي ته مزاحمت جي ورثي کي ايران جي نئين نسل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا دنيا جي طاقتور فوج آڏو ثابت قدمي سان بيٺي رهي.
هنن چيو ته آمريڪا خطي تي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ جارحيت جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي، دشمن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تائين ايران پنهنجن جائز حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندو.
ايراني هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڪمل شڪست تائين پوئتي نه هٽنداسين.