ڏکڻ ڪوريا ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي سبب آبادگارن کي زرعي فصلن جي غير معمولي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ملڪ جي اتر اوڀر واري صوبي گانگ وون ۾ پٽاٽا زمين مان ڪڍڻ کان اڳ ئي نرم ۽ خراب ٿي ويا آهن، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ گوبي به سخت گرمي سبب تباهه ٿي وئي.
مقامي ميڊيا موجب يانگ گو ڪائونٽي جي هائيان علائقي ۾ آبادگارن اهڙن فصلن مان پٽاٽا ڪڍيا، جيڪي رڳو هڪ هفتو اڳ بلڪل ٺيڪ هئا. پر جڏهن زمين کوٽي انهن کي ڪڍيو ويو ته اهي گهڻا نرم (پِلپلا)۽ استعمال جي لائق نه رهيا هئا.
گذريل 40 سالن کان آبادڪاري ڪندڙ هاري لي سانگ هيُڪ مقامي خابرو اداري کي ٻڌايو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي صورتحال ڪڏهن به ناهي ڏٺي. سندس چوڻ هو ته مسئلو رڳو هڪ يا ٻن زمينن تائين محدود ناهي، پر وڏي پيماني تي فصل متاثر ٿيا آهن.
سخت گرمي سبب ويجهن علائقن ۾ هزارين پيونگ زمين تي پوکيل گوبي به تباهه ٿي وئي. آبادگار بهتر اگهه ملڻ جي اميد ۾ فصل لڻڻ ۾ دير ڪندا رهيا، پر گرمي جي شدت سبب گوبي زمينن ۾ ئي سڙي ۽ خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي ڀيل ڪئي وئي.
آبادگارن موجب تباهه ٿيل گوبي جي ماليت ڪروڙين وون هئي، جنهن سبب زرعي شعبي کي وڏو مالي نقصان پهتو آهي. اها صورتحال ڏکڻ ڪوريا ۾ وڌندڙ شديد گرمي سبب زرعي پيداوار تي پوندڙ خطرناڪ اثرن جي سنگين مثال طور سامهون آئي آهي.