اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ آمريڪا جي قائم مقام سفير نيٽلي بيڪر جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفي واپار 8 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي.
پاڪستان ۾ آمريڪي قائم مقام سفير نيٽلي بيڪر 11 ۽ 12 آگسٽ تي لاهور جو دورو ڪيو، جتي هن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف، صلاحڪار علي ڊار سميت ڪاروباري اڳواڻن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن سان ملاقاتون ڪيون.
آمريڪي سفارتخاني موجب ملاقاتن دوران هٿردو ڏاهپ (AI)، اعليٰ تعليم، جدت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي واڌ ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪي قائم مقام سفير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي خانگي شعبي، يونيورسٽين، جدتڪارن ۽ حڪومتي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته پاڪستان جو ٽيڪنالاجي وارو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، هٿرادو ڏاهپ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.
نيٽلي بيڪر چيو ته سافٽ ويئر، ڊجيٽل خدمتن ۽ هٿرادو ڏاهپ جي شعبن ۾ به ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جا موقعا موجود آهن.
هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته 2025ع ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفي واپار 8 ارب ڊالر کان وڌي ويو.
نيٽلي بيڪر وڌيڪ چيو ته آمريڪي تعليمي مهارت پاڪستاني شاگردن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن جا معاشي لاڳاپا پڻ وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي.