اياز لطيف پليجو کان پڇيل سوال!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو کي سنڌ جي ورهاڱي (نوان صوبا ٺاهڻ) واري بيان تي اين سي سي آءِ پاران 19 سوالن تي ٻڌل سوالنامو موڪليو ويو آهي.

اين سي سي آءِ جي جاچ آفيسر اياز لطيف پليجو کان اڻويهه سوال پڇيا ويا آهن جن مان ڪجهه سوال هيٺ ڏجن ٿا.

جاچ آفيسر قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه کان پهريون سوال اهو ڪيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي ٿيل توهان جي گفتگو جو مقصد ۽ موضوع ڇا هو؟ تقرير ۾ ڇا توهان جو مقصد سنڌ ۾ ڪنهن خاص گروهه يا برادري جي وچ ۾ خوف، بيچيني، دشمني يا تقرار پيدا ڪرڻ هو؟ جيڪڏهن ها ته ان جي وضاحت ڪئي وڃي.

اياز لطيف پليجو کان ٻيو سوال اهو ڪيو ويو آهي ته توهان پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته اڄ ڏينهن تائين سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي، ان جي وضاحت ڏيو ته سنڌ سان ڌوڪو ٿيڻ واري ڳالهه توهان ڪهڙي ڄاڻ جي آڌار تي ڪئي آهي؟ ۽ اهو توهان ڪهڙن مخصوص عملن يا واقعن ڏانهن اشارو ڪري رهيا هئا؟ ان لاءِ توهان ڪنهن کي ذميوار قرار ڏنو ۽ ڪهڙي ثبوتن توڙي ڄاڻ جي بنياد تي اهو بيان ڏنو ويو آهي.

جاچ آفيسر اياز لطيف پليجو کان اهو به سوال ڪيو آهي ته ٿيل تقرير ۾ لفظ توهان جا ئي هئا يا اها ايڊٽ ڪئي وئي هئي، ڇا توهان اها به تصديق ڪريو ٿا ته وڊيو توڙي آڊيو رڪارڊنگ بنا ڪنهن تبديلي جي توهان جي تقرير جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي؟ ان جو به جواب ڏنو وڃي.

اين سي سي اءِ جي جاچ آفيسر قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه کان اهو به سوال پڇيو آهي ته جٿي توهان تقرير ڪئي ان گڏجاڻ جو ميزبان ڪير هو، توهانکي ان گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪنهن دعوت ڏني، ان جي به وضاحت ۽ تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ان سان گڏ اهو سوال به ڪيو ويو آهي ته توهان جي جيڪا تقرير سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اپلوڊ ٿي آهي اهو اڪائونٽ توهان جو پنهنجو آهي يا ان اڪائونٽ جو هينڊلر ڪو ٻيو آهي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه کان اهو به سوال ڪيو ويو آهي ته اهو مواد ڪڏهن، ڪهڙي ڊوائيس ۽ ڪهڙي هنڌ تان اپلوڊ ڪيو ويو، انهن جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن.

اياز لطيف پليجو کان اهو سوال به ڪيو ويو آهي ته توهان تقرير ۾ چيو هو ته ”هو اهڙو ماحول پيدا ڪري باهه پکيڙڻ چاهين ٿا، ان جو مقصد ڇا هيو؟ توهان ڪنهن ڏانهن اشارو ڪري رهيا هئا ۽ ڪهڙي مخصوص حالتن يا ڄاڻ بنياد تي اهو بيان ڏنو؟.

اهڙي ريت قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو کان 19 سوال ڪيا ويا آهن جن جو جواب 24 ڪلاڪن جي اندر ڏيڻ جو به چيو ويو آهي.

You might also like