گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اوليانوف آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي آزادي سان لنگهه بابت آمريڪي موقف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان کي ناقابلِ فهم قرار ڏنو آهي.
ميخائل اوليانوف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا آبناءِ هرمز مان آزاداڻي جهاز راني جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس چوڻ موجب اها آزادي ئي ايران خلاف آمريڪي جارحيت جي نتيجي ۾ متاثر ٿي آهي.
روسي نمائندي چيو ته آمريڪا هاڻي پنهنجي حڪمت عمليءَ واري غلطي جا نتيجا جنگ جاري رکي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن هاڻي صورتحال آمريڪي قدمن جي نتيجي ۾ پيدا ٿي آهي ته ساڳي پاليسي جاري رکڻ سان مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟