اڄ آسمان تي 6 سيارن جو ناياب مشاهدو ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، ماهرن ٻڌايو ته مشتري، عطارد، مريخ، زحل، يورينس ۽ نيپچون سج اڀرڻ کان اڳ هڪ ئي وقت آسمان ۾ نظر آيا. اهو منظر سج اڀرڻ کان 45 کان 60 منٽ اڳ اوڀر واري افق تي ڏٺو ويو.
ماهرن موجب، مريخ، زحل ۽ مشتري کي بنا ڪنهن اوزار جي اگهاڙي اک سان ڏسي سگهجي پئي، جڏهن ته عطارد افق جي بلڪل ويجهو هو.
ان کانسواءِ، يورينس ۽ نيپچون کي ڏسڻ لاءِ ٽيلي اسڪوپ يا دوربين جي ضرورت پئي.
ماهرن واضح ڪيو ته سيارن جي هڪ قطار ۾ نظر اچڻ رڳو زمين تان ڏسڻ واري زاويي جو نتيجو آهي، جڏهن ته خلا ۾ اهي سيارا حقيقت ۾ هڪ سڌي قطار ۾ موجود ناهن.