لاهور (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ بيٽرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ اوپننگ بيٽر عبدالله شفيق جي درجابندي نمايان بهتري آئي آهي.
آءِ سي سي جي هفتيوار رينڪنگ موجب، آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ بدستور ٽيسٽ بيٽرز ۾ پهرين پوزيشن تي موجود آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو هيري بروڪ ٻئي ۽ جو روٽ ٽئين نمبر تي آهي.
پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم اٽڪل 2 سالن کانپوءِ 5 درجا ترقي ماڻي ٽاپ 10 ۾ شامل ٿي ويو آهي، هو 10هين نمبر تي موجود آهي.
عبدالله شفيق به وڏو ٽپو ڏيندي 25 درجا بهتري سان 32هين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستاني بيٽر سعود شڪيل جي رينڪنگ ۾ 2 درجا تنزلي ٿي آهي ۽ هو 26هين نمبر تي هليو ويو آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 27هين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شان مسعود 3 درجا تنزلي کانپوءِ 39هين ۽ سلمان علي آغا 6 درجا تنزلي کانپوءِ 38هين نمبر تي هليو ويو.
آءِ سي سي ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي جسپريت بُمرا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ميٽ هينري ٻئي ۽ آسٽريليا جو مچل اسٽارڪ ٽئين نمبر تي آهي.
فاسٽ بالر شاهين آفريدي 28هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ساجد خان 5 درجا ترقي ماڻڻ بعد 30هين نمبر تي اچي ويو آهي، فهرست ۾ خرم شهزاد به هڪ درجو ترقي ڪندي 51هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي پهرين پوزيشن آهي.