تهران (ويب ڊيسڪ) سينيئر ايراني ذريعن آمريڪا سان 60 ڏينهن واري جنگبندي ۾ واڌ تي اتفاق جون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سينيئر ايراني ذريعن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ايران جي نقطه نظر کان جنگبندي جي شروعات جي ڪا تاريخ ئي ناهي، جنگبندي ۾ واڌ لاءِ ڪا شيءِ موجود ناهي.
سينيئر ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا عبوري معاهدو طئي ٿيڻ جي 48 ڪلاڪن کانپوءِ ان جي ڀڃڪڙي ڪئي، آمريڪا ڪجهه ڏينهن کانپوءِ معاهدي تان هٿ کڻي ويو.
ذريعن موجب، غور هيٺ معاملن ۾ آمريڪا جو ايم او يو ڏانهن واپس اچڻ شامل آهي، جڏهن ته آمريڪا پاران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ وقت مقرر ڪرڻ پڻ شامل آهي.