فلڪيات جي ماهرن ڪائنات جو هن وقت تائين سڀ کان وڏو ٻه بُعدي (2D) رنگين نقشو تيار ڪري جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 4 ارب تارن، ڪهڪشائن ۽ ٻين خلائي جسمن بابت ڄاڻ شامل آهي.
هي نقشو DESI Legacy Imaging Surveys جي ٽيم تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ حيرت انگيز طور تي 5.6 ٽريلين پکسلز شامل آهن. نقشي ۾ موجود ڄاڻ عام ماڻهن، فلڪيات جي ماهرن ۽ شهري سائنسدانن لاءِ پڻ دستياب ڪئي وئي آهي، جنهن کي آن لائين Legacy Survey Sky Viewer ذريعي ڏسي سگهجي ٿو.
هن نئين ۽ انتهائي تفصيلي نقشي جي مدد سان سائنسدان ڪائنات ۾ موجود ناياب واقعن ۽ خلائي مظاهرن جي ڳولا ڪري سگهندا، جن ۾ ڪششِ ثقل واري لينسنگ ۽ ٿوري عرصي لاءِ ظاهر ٿيندڙ واقعن، جهڙوڪ سپرنووا، شامل آهن.
هي نقشو سائنسدانن کي ڪائنات جي ٻن وڏن رازن کي سمجهڻ ۾ پڻ مدد ڏئي سگهي ٿو. پهريون ڊارڪ ميٽر آهي، جنهن کي ڪائنات ۾ موجود گهڻي ڀاڱي مادي جي ڪُل مقدار جو ذميوار سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻيو ڊارڪ انرجي آهي، جيڪا ڪائنات جي لڳاتار تيز رفتار ڦهلاءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.
هي نئون نقشو DESI Legacy Imaging Surveys جي اڳوڻي گڏ ڪيل ڄاڻ جي بنياد تي تيار ڪيو ويو آهي، جيڪا اڳ ئي فلڪياتي تحقيق ۾ انتهائي اهم ثابت ٿي چڪي آهي. هيل تائين 1800 کان وڌيڪ سائنسي تحقيقي مقالا Legacy Surveys جي ڄاڻ کي استعمال ڪري چڪا آهن يا ان جو حوالو ڏئي چڪا آهن.
Legacy Surveys جي گڏيل سربراهه ۽ آمريڪا جي لارنس برڪلي نيشنل ليبارٽري سان لاڳاپيل سائنسدان ڊيوڊ شليگل موجب، هي ڄاڻ هاڻي فلڪياتي تحقيق جو اهم حصو بڻجي چڪي آهي. ماهر اڪثر ڪنهن به خلائي جسم بابت تحقيق شروع ڪرڻ کان اڳ Legacy Imaging Viewer تي ان جو جائزو وٺندا آهن.
نئين نقشي جي تياري سان سائنسدانن کي ڪائنات جي وسيع ڍانچي، ان ۾ موجود اربين خلائي جسمن ۽ ان جي بنيادي رازن کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهڻ جو هڪ غيرمعمولي موقعو ملي ويو آهي.