اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف(پي ٽي آءِ ) جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار خاطري ڪرائي آهي ته عمران خان سان ملاقات لاءِ داخل سموريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون وينديون.
سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي خاطري کانپوءِ تحريڪ انصاف جي قيادت، پارليامينٽ ميمبرن ۽ وڪيلن گڏيل طور احتجاج ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف جو موقف هو ته اڊيالا جيل ۾ قيد پارٽي اڳواڻ عمران خان جي طبيعت خراب آهي ۽ هو مطالبو ڪري ٿي ته عمران خان جي گهر ڀاتين جي موجودگي ۾، ذاتي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ، بهترين اسپتال مان سندس علاج ڪرايو وڃي.
اهو مطالبو مڃرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ميمبرن اڄ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي گذريل ڏينهن چيو هو ”اسان چاهيون ٿا ته چيف جسٽس عمران خان جي گهر ڀاتين ۽ ڊاڪٽرن کي ساڻس ملاقات ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري.“
سهيل آفريدي چيو هو ته جيڪڏهن خميس ڏينهن عمران خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته ان ئي رات 10 وڳي سڄي ملڪ احتجاج شروع ڪيو ويندو.
عمران خان سان ملاقات لاءِ درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي خاطري، پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو
You might also like