ڪينيڊا ۾ هڪ ضدي ٻار سبب مسافر جهاز جي اڏام ئي رد ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب برٽش ڪولمبيا جي وڪٽوريا شهر کان ٽورانٽو ويندڙ ’پورٽر ايئرلائنز‘ جي اڏام ان وقت منسوخ ڪئي وئي، جڏهن جهاز ۾ سوار هڪ ٻار پنهنجي سيٽ تي بيهي رهيو ۽ سيٽ بيلٽ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ٻار جي والدين ۽ جهاز جي عملي سيٽ بيلٽ ٻڌائڻ لاءِ کيس گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا.
پورٽر ايئرلائنز جي ترجمان ٻڌايو ته جهاز وڪٽوريا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٽرمينل تان نڪري رن وي ڏانهن وڌي رهيو هو ته عملي جي نظر ان ٻار تي پئي، جيڪو پنهنجي سيٽ تي بيٺل هو.
ترجمان موجب گهڻين ڪوششن باوجود ٻار نه مڃيو، جنهن سبب جهاز کي واپس ٽرمينل تي آڻي بيهاريو ويو ۽ ٻار کي سندس والدين ۽ سامان سميت جهاز مان لاهي ڇڏيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب اڏام جو نئون منصوبو تيار ڪرڻ ۽ ٻين ضروري ڪاغذي ڪارروائين ۾ رات جا ساڍا 12 وڳي ٿي ويا. وڪٽوريا انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو مک رن وي هر رات ساڍي 12 وڳي بند ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب جهاز ٻيهر روانو نه ٿي سگهيو ۽ مسافرن کي ايئرپورٽ تي ئي رات گذارڻي پئي.