ڪراچي ۾ اي ٽي ايم بينڪ مان لکين رپين جي چوري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ 7 آگسٽ جي وچين رات آرام باغ روڊ تي قائم خانگي بينڪ جي اي ٽي ايم مان لکين رپين جي چوري واري واردات ۾ بينڪ جو آپريشن مينيجر ئي ملوث نڪتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان چورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ چوري ٿيل رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس اختيارين موجب چوري جي واردات ۾ بينڪ جو آپريشن مينيجر ۽ سندس دوست ملوث هئا. جوابدارن اي ٽي ايم جو لاڪ کولي 53 لک 70 هزار رپيا چوري ڪيا هئا، جڏهن ته واردات دوران اي ٽي ايم ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرا تي چيئنگ گم به لڳائي ڇڏي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته بينڪ جي آپريشن مينيجر چوري ٿيل رقم پنهنجي دوست وٽ رکائي هئي. جوابدارن وٽان 29 لک 74 هزار رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.

You might also like