ايراني خابرو اداري مهر نيوز سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس ڪجهه ماڻهن کي ليڪچر ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو.
مهر نيوز ايجنسي طرفان وڊيو جي تاريخ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته اها وڊيو ڪٿي ٺاهي وئي.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي خراب صحت بابت افواهه ڦهلجي رهيا هئا.