عوام جي ووٽ جو احترام ڪرڻو پوندو، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي:بلاول

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز)پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير جي عوام جي ووٽ جو احترام ڪرڻو پوندو. اسان صبر ڪري رهيا آهيون، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي.تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه قومي مفاد کي اوليت ڏني آهي. اسان حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون ته جيئن ملڪ کي درپيش مسئلن جو مقابلو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ عوام جو مفاد اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.هن چيو ته اسان صبر ڪري رهيا آهيون، پر اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي. جيڪڏهن ڪو وڙهڻ چاهي ٿو ته وڙهائي شروع ڪري، پر پيپلز پارٽي وٽ سمورا جمهوري ۽ آئيني آپشن موجود آهن ۽ اسان احتجاج ڪرڻ به ڄاڻون ٿا.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 10 آگسٽ تي ڪشميري عوام پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ سان گڏ پنهنجي ووٽ جو تحفظ به ڪندو.

ڪنهن کي به عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ يا عوام جي مينڊيٽ کي پائمال ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪشمير جي عوام جي ووٽ سان ناانصافي ڪئي وئي ته هو پاڻ انهن سان گڏ بيهندو ۽ ڪشميري عوام جي حق لاءِ احتجاج پڻ ڪندو.هن چيو ته طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهن، ڪشمير جو فيصلو ڪشميري عوام ئي ڪندا.پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته منصفاڻيون چونڊون ٿيڻ ڏنيون وڃن ۽ جنهن جو ووٽ نڪري، حڪومت به ان جي ئي ٺهڻ ڏني وڃي. اهو ئي جمهوريت جو اصول ۽ ڪشميري عوام جو حق آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي پاڪستان جي تاريخ جو اهم سنگِ ميل قرار ڏنو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدو هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، جنهن سان اسان جون دفاعي صلاحيتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون.هن چيو ته هي معاهدو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي.بلاول ڀٽو معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل لاءِ ساراهه جو اظهار ڪندي چيو ته دفاعي معاهدو خطي ۽ عالمي امن لاءِ هڪ تاريخي دستاويز آهي

You might also like