پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ هڪ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن جي پڌرنامي موجب هڪ ملڪ تي حملو سڀني ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. ان کان اڳ پاڪستان گذريل سال سيپٽمبر ۾ سعودي عرب سان به اهڙو ئي معاهدو ڪري چڪو آهي. تنهن هوندي به چيو پيو وڃي ته هي معاهدو مختلف نوعيت جو آهي ۽ ان سان ٽنهي ملڪن جا ٻين ملڪن سان اڳ ۾ ٿيل معاهدا متاثر نه ٿيندا.
پاڪستان سميت ٽنهي ملڪن ۾ هن نئين معاهدي جي مثبت انداز ۾ آجيان ڪئي پئي وڃي ۽ محتاط اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته خطي جي ٽن وڏين طاقتن وچ ۾ ٿيل هن معاهدي سان وچ اوڀر، بلڪه ان کان اڳتي ڏکڻ ايشيا ۾ به امن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ جنگين جي حوصلا شڪني ٿيندي. انهيءَ ڪري ترڪ صدر طيب اردوان به معاهدي کانپوءِ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ واضح ڪيو آهي ته هي دفاعي معاهدو ڪنهن ملڪ خلاف ناهي. اهڙيءَ طرح ٽنهي ملڪن جا نمائندا ۽ ترجمان پڻ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هي معاهدو ٽنهي ملڪن وچ ۾ موجود ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ڊگهي عرصي کان جاري سهڪار جي پسمنظر ۾ اهميت رکي ٿو. ٽئي ملڪ گڏجي سڄي خطي ۾ امن جي ضمانت فراهم ڪري سگهن ٿا. تنهن هوندي به ان ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته هي معاهدو پهرين غزه ۾ اسرائيل جي ڊگهي جنگ ۽ فلسطينين خلاف فوجي ڪاررواين ۽ ان کانپوءِ گذريل ڇهن مهينن کان ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ سامهون آيو آهي. تنهن ڪري هن معاهدي کي خطي جي مجموعي سلامتي واري صورتحال، تضادن ۽ تڪرارن کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي. ڪجهه مبصرن ان طرف به اشارو ڪيو آهي ته ايران سان جنگ جي نتيجي ۾ عرب ملڪن کي جن حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ ايران انهن ملڪن تي جنهن نموني بنا روڪ ٽوڪ حملا ڪيا آهن، ان کي نظر ۾ رکندي اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته عرب ملڪ هاڻي آهستي آهستي آمريڪا سان دفاعي سهڪار گهٽ ڪندا ۽ متبادل انتظامن تي غور ڪري رهيا آهن.
پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ جي حوالي سان به ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستاني فوج جي جنگي مهارت ۽ انٽيليجنس صلاحيت مسلمه آهي، جنهن جي تصديق تازو ئي ڀارت سان ٿيل ڇڪتاڻ دوران به واضح ٿي آهي. ان کان علاوه پاڪستان مسلم دنيا جي واحد ايٽمي طاقت آهي. جيتوڻيڪ سعودي عهديدارن معاهدي کانپوءِ تبصرا ڪندي واضح ڪيو آهي ته ”هن معاهدي جو مقصد ڪو فرقيواراڻو بلاڪ ٺاهڻ يا ڪنهن فوجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ناهي. هي معاهدو خطي جي ڪنهن ملڪ خلاف ناهي ۽ نه ئي ڪنهن لاءِ خطرو بڻجندو. معاهدي جو ايٽمي صلاحيتن جي واڌاري سان به ڪو تعلق ناهي.“ تنهن هوندي به اهو به نوٽ ڪري سگهجي ٿو ته هن اهم ٽه ملڪي معاهدي جو اعلان هڪ پڌرنامي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن ته ٽنهي ملڪن جي نمائندن پنهنجي تبصرن ذريعي ان جي مختلف پاسن تي روشني وڌي آهي. ان کان علاوه معاهدي جون شقون ۽ تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ”هن معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحاڻي قدم خلاف گڏيل دفاع کي مضبوط بڻائڻ آهي. اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ٽنهي رياستن مان ڪنهن هڪ خلاف ٿيندڙ ڪو به هٿياربند حملو سڀني خلاف حملو تصور ڪيو ويندو. هي معاهدو ٽنهي رياستن وچ ۾ دفاعي سهڪار جي سمورن پاسن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي.“
پاڪستاني پرڏيهي وزارت موجب، ”هن معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت (ڊيٽرنس) کي مضبوط بڻائڻ ۽ دفاعي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. هن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي باضابطه تقريب کان اڳ ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل دفاعي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٽنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جو جائزو ورتو ويو.“ انهن وضاحتن ۽ يقين ڏيارڻ باوجود جڏهن وڏي فوجي ۽ مالي صلاحيتن وارا ٽي ملڪ گڏجي اهڙي دفاعي معاهدي تي اتفاق ڪن ٿا، جنهن ۾ واضح ڪيو وڃي ته هڪ ملڪ خلاف جنگ سڀني ميمبر ملڪن تي حملو تصور ٿيندي، ته ان جي سنجيدگي ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري نه رڳو ٽنهي ملڪن جي عوام جي سهولت ۽ اطمينان لاءِ، پر خاص طور تي وچ اوڀر جي ملڪن، بالخصوص اسرائيل ۽ ايران، ۽ دنيا تي ٽنهي ملڪن جا ارادا واضح ڪرڻ لاءِ هن اهم معاهدي جا تفصيل عام ڪرڻ ضروري هوندا. انهن تفصيلن کي ڳجهو رکڻ سان اندازن ۽ بي بنياد افواهن جي حوصلا افزائي ٿيندي. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وڏا ۽ باصلاحيت ملڪ آهن، جن کي سڄي دنيا ۾ اعتبار ۽ وقار حاصل آهي. تنهن ڪري انهن کي پنهنجي گڏيل معاهدي کي مڪمل طور ڳجهو رکڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي گڏيل دفاع جي حوالي سان جڏهن پاڪستاني پرڏيهي وزارت ”ڊيٽرنس“ جو لفظ استعمال ڪري ٿي ته لازمي طور اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪنهن بحراني صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن ميمبر ملڪ کي دشمن طرفان ايٽمي حملي جو خطرو لاحق ٿي وڃي ته ڇا پاڪستان معاهدي ۾ شامل ملڪن کي ايٽمي ڊيٽرنس فراهم ڪندو؟
معاهدي ۾ شامل ٽنهي ملڪن جي صلاحيت ۽ اهليت جي نوعيت مختلف آهي. ترڪيءَ وٽ هٿيار ٺاهڻ جون تمام وڏيون صلاحيتون موجود آهن. پاڪستان وٽ جديد جنگ جي عملي تجربي سان گڏ ايٽمي صلاحيت آهي، جڏهن ته سعودي عرب وٽ مالي وسيلا آهن، جيڪي ٽنهي ملڪن جي گڏيل دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بنياد فراهم ڪري سگهن ٿا، ته جيئن وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جنگين ۽ علائقائي تڪرارن جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي.
حيرت انگيز طور تي پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جا آمريڪا سان ويجها لاڳاپا آهن، پر تازو ٽه ملڪي دفاعي معاهدو وچ اوڀر ۾ چين جي مفادن لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو. آمريڪي حڪومت يقيناً ان صورتحال کان واقف هوندي ۽ ٽنهي ملڪن به دفاعي معاهدي جي حوالي سان کيس ان جا تفصيل ٻڌايا هوندا. اهي تفصيل هاڻي ٽنهي ملڪن جي عوام جي ڄاڻ ۾ به اچڻ گهرجن، ته جيئن واضح ٿي سگهي ته گڏيل ڀائراڻي لاڳاپن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. هن معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ حيثيت يقيناً وڌيڪ مضبوط ٿيندي. پر پاڪستان کي مالي مشڪلاتن کان علاوه دهشتگردي، ڀارت سان گڏ افغانستان طرفان درپيش خطرن ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان نون نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترڪي ۽ سعودي عرب کي به پنهنجي پنهنجي طور تي اهڙن ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. معاهدي جون شقون ئي اهو واضح ڪنديون ته ٽئي ملڪ انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.