لاهور (امداد سومرو)مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ قائم سياسي اتحاد، جنهن کي عارضي مفاهمت يا مجبوريءَ جي ڀائيواري چئي سگهجي ٿو، هاڻي اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي رڳو بيانن تائين اختلاف محدود نه رهيو آهي، پر بيانيي جي سطح تي به کليل ٽڪراءُ سامهون اچي رهيو آهي.
خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي ”فارم 47 جو نمائندو“قرار ڏيڻ نه رڳو حڪومت جي مينڊيٽ تي وڏو سوال اٿاري ٿو، پر اهو پنهنجي ئي اتحادي حڪومت خلاف سياسي فردِ جرم برابر به سمجهيو پيو وڃي. ان سان اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته حڪومت جون اخلاقي بنيادون اندر ئي اندر ڪمزور ڪيون پيون وڃن.
انهيءَ پسمنظر ۾ بلاول ڀٽو جي ”ٽِڪ ٽِڪ“واري وائرل وڊيو کي رڳو علامتي اظهار نٿو سمجهيو وڃي، پر اها هڪ نفسياتي ۽ سياسي دٻاءُ واري حڪمت عملي طور ڏٺي پئي وڃي، جنهن جو مقصد نه رڳو مسلم ليگ (ن) کي دفاعي پوزيشن تي آڻڻ، پر پاڻ کي هڪ متبادل سياسي قوت طور پيش ڪرڻ پڻ آهي.
ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله جواب ڏيندي اهو بنيادي سوال اٿاريو ته جيڪڏهن وزيراعظم جو مينڊيٽ مشڪوڪ آهي ته پوءِ ساڳئي نظام هيٺ چونڊيل صدر ۽ ٻين آئيني عهديدارن جي حيثيت کي ڪيئن جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
اهڙيءَ ريت هي بحث رڳو سياسي بيان بازي تائين محدود نه رهي، پر سڄي چونڊ نظام ۽ آئيني ڍانچي جي ساک تائين وڃي پهتي آهي.
ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جون چونڊون به هن سياسي ڇڪتاڻ کي وڌيڪ تيز ڪري رهيون آهن، جتي ٻئي پارٽيون انهن کي پنهنجي سياسي بقا ۽ مستقبل لاءِ فيصلائتي وقت طور ڏسي رهيون آهن. ساڳئي وقت نون انتظامي يونٽن، هائبرڊ نظام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار بابت هلندڙ بيانيي هن بحران کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺيون آهن، ته ٻئي پاسي ڪنهن به وڏي آئيني يا سياسي فيصلي لاءِ کين هڪ ٻئي سان گڏوگڏ نظام جي ٻين بااثر ڌرين جي به ضرورت آهي.
اهو ئي تضاد هاڻوڪي سياسي منظرنامي کي غيريقيني بڻائي ٿو، جتي ظاهر ۾ سخت اختلافن باوجود مڪمل ڌار ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي.
تنهن هوندي به اهو واضح آهي ته جيڪا بي اعتمادي پيدا ٿي چڪي آهي، اها ڪنهن به وقت وڏي سياسي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿي. ان صورتحال تحريڪ انصاف کي به هڪ مضبوط سياسي بيانيي جو موقعو فراهم ڪيو آهي، جيڪا حڪومت جي اندروني ڪمزورين کي بنياد بڻائي پنهنجي موقف کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهي آهي.