اسلام آباد (عمران شفقت(ملڪ ۾ سياسي صورتحال بابت خاص طور تي محسن نقوي جي بيان جي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ نون ۾ هن وقت هڪ ظاهري طور غيرمعمولي ماٺ ۽ ٻوساٽيل صورتحال ڇانيل آهي، جيڪا ظاهر ۾ ته سڪون لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ ڪنهن وڏي سياسي طوفان جي اڳڪٿي محسوس ٿئي ٿي. اقتدار جي ايوانن کان وٺي انهن حلقن تائين، جتي اهم فيصلا ٿيندا آهن، هر طرف معنيٰ خيز خاموشي پکڙجي وئي آهي. سياسي تجزيه نگارن موجب هي ماٺ رڳو اتفاقي نه، پر پردي پٺيان هلندڙ معاملن ۽ ايندڙ وڏين تبديلين ڏانهن اشارو ڪري ٿي.
هن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڳالهه مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي پراسرار خاموشي آهي، جنهن کي هاڻي رڳو سياسي حڪمت عملي قرار ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. رانا ثناءُ الله جي ان انڪشاف کانپوءِ ته نواز شريف پارٽي قيادت کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته اها خاموشي هڪ طرفي نه، پر ظاهري طور ٻه طرفي مفاهمت يا غيراعلانيل معاهدي جو حصو آهي، جنهن تحت نه رڳو مسلم ليگ (ن)، پر بااثر حلقا پڻ في الحال کلي ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.
هڪ اهڙو اڳواڻ، جيڪو ڪڏهن ”ووٽ کي عزت ڏيو“ واري بيانيي جو علمبردار هو، ان جو اوچتو چپ ٿي ويهي رهڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته سياسي منظر نامي تي ڪجهه اهڙو تيار ٿي رهيو آهي، جيڪو اڃا عوام آڏو ظاهر ناهي ڪيو ويو.
ان دوران نون صوبن جي قيام بابت بحث جو اوچتو زور وٺڻ به رڳو انتظامي ضرورت نه، پر هڪ سوچي سمجهي سياسي حڪمت عملي محسوس ٿئي ٿي. خاص ڪري خيبر پختونخوا ۾ هزارا صوبي جي تحريڪ ۽ هندڪو ڳالهائيندڙ آبادي جي احساسِ محرومي هن معاملي کي رڳو جاگرافيائي نه، پر ٻولي ۽ سڃاڻپ جي بحران ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 18هين آئيني ترميم کانپوءِ پيدا ٿيل خال هاڻي ٻيهر سياسي ايجنڊا طور سامهون ايندي نظر اچي رهي آهي.
ٻئي پاسي سياسي پارٽين جي هڪ ٻئي خلاف ٿيندڙ اٽڪلن ۽ مفادن واري سياست به اهم انڪشاف طور سامهون اچي رهي آهي، جتي ماضي ۾ مخالفن جو ووٽ بئنڪ ٽوڙڻ لاءِ کنيل قدم هاڻي انهن ئي پارٽين لاءِ مسئلن جو سبب بڻجي رهيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڏکڻ پنجاب صوبي جو نعرو هجي يا ايم ڪيو ايم جو شهري سنڌ ۾ الڳ انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جو خواب، اهي سڀ قدم عوامي ڀلائي کان وڌيڪ سياسي بقا جي جنگ جو حصو محسوس ٿين ٿا.
ساڳئي پس منظر ۾ صحافت ۽ تجزيي جو ميدان پڻ دٻاءُ هيٺ نظر اچي ٿو، جتي بااثر حلقن تي تنقيد ڪرڻ يا کين مشورو ڏيڻ به خطري کان خالي نه رهيو آهي. ڪجهه صحافين کي جاري ڪيل نوٽيس ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته هاڻوڪي نظام ۾ اختلافِ راءِ جي گنجائش محدود ٿيندي پئي وڃي.
انهن سڀني معاملن جي وچ ۾ سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ پيش رفت نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز وچ ۾ ٿيل مبينا اندرين ڳالهه ٻولهه آهي، جنهن ۾ نواز شريف طرفان ”Face the Music“ جو پيغام پارٽي اندر وڌندڙ بيچيني ۽ اختلافن جي عڪاسي ڪري ٿو. ذريعن موجب نواز شريف نه رڳو هاڻوڪي سياسي سيٽ اپ تي بي اطميناني ظاهر ڪئي، پر اهو به واضح ڪيو ته ماضي ۾ ڪيل فيصلن جا نتيجا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن ۽ انهن جو بار کڻڻ کان بچي نٿو سگهجي.
گڏيل طور اهي سڀ عنصر ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته پاڪستان جي سياست هن وقت هڪ انتهائي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جتي خاموشي، مفاهمت، اندروني اختلاف ۽ نون انتظامي تجربن جون ڳالهيون گڏجي هڪ اهڙي منجهيل صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن، جنهن جو انجام اڃا غيريقيني نظر اچي ٿو.