رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان سميت چئن ملڪن جي عمري لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن لاءِ روزانو لڳ ڀڳ 20 سعودي ريال ماليت جا لازمي نسڪ فوڊ وائوچر متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.
نئين نظام تحت پانڌئيڙن جي هوٽل بڪنگ، ٽرانسپورٽ، کاڌي ۽ ٻين سهولتن کي هڪ ئي ڊجيٽل پليٽ فارم سان ڳنڍيو پيو وڃي.
ان سلسلي ۾ مڪي شريف ۽ مديني منوره جي لڳ ڀڳ 10 هزار ريسٽورنٽن کي نسڪ ايپ سان جوڙيو ويو آهي.
هر پانڌيئڙي کي ويزا سان ڳنڍيل هڪ منفرد ڪوڊ ڏنو ويندو، جنهن ذريعي هو منظور ٿيل هنڌن تان کاڌو حاصل ڪري سگهندو.
رپورٽن موجب، هن قدم جو مقصد پانڌيئڙن کي معياري ۽ منظم کاڌي جون سهولتون فراهم ڪرڻ، غير رجسٽرڊ سروسز کي ٻنجو ڏيڻ ۽ عمري جي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي.
هي نئين پاليسي پاڪستان، ڀارت، مصر ۽ بنگلاديش جي پانڌيئڙن لاءِ پهرين ربيع الاول کان لاڳو ٿيندي.
نئين پاليسي کانپوءِ عمري پيڪيجز جي مجموعي لاڳت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب پاڪستان سميت مختلف ملڪن جا ٽريول ايجنٽ پنهنجي پيڪيجز ۽ اگهن تي نظرثاني ڪري رهيا آهن.
You might also like