راولاڪوٽ (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير حڪومت برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي نيوز جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ راولاڪوٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران مظاهرين تي فائرنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل فوتگين جو ذڪر ڪيو ويو هو.
آزاد ڪشمير حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته راولاڪوٽ ۾ پابندي مڙهيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪري سيڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو.
آزاد ڪشمير پوليس جي ترجمان موجب، پابندي مڙهيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن جي فائرنگ سبب ست سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته سوين ٻيا ماڻهو پڻ زخمي ٿيا.
You might also like