دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر چيو آهي ته هو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار جو سفارتي حل ڳولڻ لاءِ پنهنجيون ڪوششون جاري رکيو پيو اچي، جڏهن ته ويجهي مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ريت ڳالهين جو ڪو به منصوبو موجود ناهي.
قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو ته”اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪريون ٿا ته سڀني ڌرين سان ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري آهن.“
هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده ڳالهين جو ڌيان هڪ مختصر مدي واري حل تي آهي، جيڪو ڳالهين جي بحالي ۽ مجموعي ٽياڪڙي واري عمل ڏانهن واپسي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.
واضح رهي ته قطر، پاڪستان سان گڏجي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
Prev Post
You might also like