نون صوبن جي لٺ ڏيکاري اين ايف سي ۾ تبديلي ۽ ڪئنالن لاءِ راهه هموار ڪئي ويندي؟

اسلام آباد/لاهور حبيب اڪرم) فيبروري 2024ع جي چونڊن مان موجوده حڪومت حاصل ڪندڙن جي سامهون هڪ عجيب ۽ غريب سوال اڀري بيٺو آهي ته: هن حڪومت کي هلائڻ ۾ وڌيڪ نقصان آهي يا ان کي ختم ڪرڻ ۾ وڌيڪ خسارو؟ هي فيصلو آسان ناهي. ان ڪري ڪڏهن نئين صوبن جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته ڪڏهن وري گورننس تي اعتراض اٿاريا پيا وڃن.اهڙو ئي مونجهارو مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل حڪومت کي پڻ درپيش آهي. حڪومت چڱيءَ طرح جاڻي ٿي ته وٽس هڪ رستو پنهنجي بچيل عزت بچائي هن بندوبست مان نڪرڻ آهي، ۽ ٻيو رستو مڪمل هٿيار ڦٽا ڪري، ”آسمان“مان جيڪو ڪجهه  نازل ٿئي، ان تي عمل ڪرڻ آهي.جيستائين نون صوبن جو تعلق آهي، انهن ٻنهي پارٽين کي چڱي ريت خبر آهي ته صوبا ٺاهڻ سان سندن سياسي بقا ختم ٿي ويندي. ان کان پوءِ ”آسمان “هميشه هميشه لاءِ "گڊ گورننس” جي عنوان هيٺ هيٺين سطح تائين پنهنجا فيصلا صادر ڪرڻ جي اهل ٿي ويندو. ان ڪري صوبا ٺاهڻ پنهنجي سياسي موت جي پرواني تي صحيح ڪرڻ جي برابر آهي.طاقتور به اها ڳالهه سمجهن ٿا ته هي ماڻهو نئين صوبن جي رستي ۾ رڪاوٽون وجھندا. ائين محسوس ٿئي ٿو ته صوبن جو خوف بيھاري ڪو ٻيو هدف حاصل ڪرڻو آهي. 27هين ترميم جي وقت به ائين ئي ٿيو هو جو صوبن جي ڳالهه هلي، پر ترميم ذريعي ”آسمان“ جي برتري وڌي وئي ۽ عدالت جي ڪمتري!هاڻي به ائين ئي لڳي رهيو آهي ته حڪومت کي صوبن جو ڊپ ڏيکاري سياسي ڪاٺ ڪٻاڙ مان نجات حاصل ڪئي وڃي يا اين ايف سي ايوارڊ ۽ چولستان جي ڪئنالن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن  ٻنهي حڪمران پارٽين ڪا مزاحمت نه ڪئي ته هدف حاصل ٿي ويندا، ۽ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين گھر موڪليو ويندو.ٻنهي صورتن ۾ فائدو ”آسمان“ جو ئي آهي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ان کان پوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تازن بيانن ۾ هڪ ٻئي پويان گورننس جي معاملن تي توجهه ڏياري وئي آهي. انهن ٻنهي شخصيتن جي اعتراضن جي صحيح يا غلط هجڻ تي بحث ناهي. مسئلو هي آهي ته محسن نقوي ته چڱيءَ طرح جاڻن ٿا ته موجوده حڪومت مان گهٽ ۾ گهٽ اميد اها هئي ته اها ”آسمان“ جي تمام قدمن جو قابلِ قبول سياسي دفاع ڪندي. هيءَ عمران خان جي خلاف اهڙو بيانيو ٺاهيندي جو کين عوام جي حافظي مان غلط حرف وانگر مٽائي ڇڏيندي، يا خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي حالتن تي کلي اها ڳالهه ڪندي جيڪا ”آسمان “جي مرضي هوندي.خواجا آصف ۽ رانا ثناءُالله  جي بيانن جومطلب هڪ ئي آهي ته ناڪامين جو بار  مسلم ليگ نون نه کڻندي پيپلز پارٽي به هن بندوبست جو اهم حصو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪافي همت کان ڪم وٺي پنهنجي مٿان مسلم ليگ ن جي جونيئر پارٽنر هجڻ جو الزام ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص طور تي آزاد ڪشمير جي بحران ۾ هن تقريبن اپوزيشن ۾ هجڻ جو تاثر ڏنو آهي. پر پيپلز پارٽي جو مسئلو هي آهي ته ان جا فيصلا بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هٿن ۾ ناهن پر آصف علي زرداريءَ جي اختيار ۾ آهن.محسن نق ويءَ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تقرير ملائي پڙهون ته صاف معلوم ٿئي ٿو ته فارم 47 جي سياسي قيمت ادا ڪرڻ جو وقت اچي پهتو آهي.

You might also like