ميرٽ جي لتاڙ نوجوانن ۾ مايوسي پيدا ڪري ٿي: راشد محمود سومرو

حيدرآباد (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ شفافيت بابت مسلسل اٿندڙ سوالن ۽ احتجاجن سبب صوبي جي گورننس تي عوامي اعتماد متاثر ٿيو آهي. جيڪڏهن ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪندڙ ادارن تان عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي ته اها رڳو هڪ اداري جي ناڪامي نه، پر سٺي حڪمراني، انتظامي نظام ۽ سماجي استحڪام لاءِ به انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال هوندي.اهڙي پڌرائي جي يو آء سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري ميڊيا کي جاري ڪئي.علامه سومرو چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ عمل بابت بدعنواني، اقرباپروري، سفارش، سياسي اثر رسوخ ۽ شفافيت جي کوٽ جا سنگين الزام سامهون اچي رهيا آهن، جن جي ڪري هزارين تعليم يافته نوجوانن ۾ سخت بيچيني ۽ مايوسي پيدا ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ جا تعليم يافته نوجوان اڳ ئي بيروزگاري، معاشي تڪليفن، عمر جي حد، ڀرتين ۾ دير، سهولتن جي کوٽ ۽ غيريقيني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ميرٽ بدران سفارش ۽ سياسي مداخلت کي هٿي ملي ته قابل نوجوانن جي حق تلفي ٿيندي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.علامه راشد محمود سومرو چيو ته لاڳاپيل اختيارين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتي واري عمل کي مڪمل طور شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻائڻ لاءِ فوري ۽ جامع سڌارا آڻين، چونڊ عمل بابت سامهون آيل شڪايتن جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي. نوجوانن جي حقن جي لتاڙ جو ازالو نه ٿيو ته جي يو آءِ سنڌ جلد احتجاجي  جو اعلان ڪندي، جنهن جو مقصد ميرٽ، شفافيت ۽ نوجوانن جي آئيني حقن جو تحفظ هوندو.

You might also like