ايران تي حملن جو نتيجو آمريڪي نظام جي تباهي هوندو: سپريم ليڊر جو صلاحڪار

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني سپريم ليڊر جي سينيئر صلاحڪار محمد مخبر چيو آهي ته ايراني انفراسٽرڪچر تي حملن جو نتيجو آمريڪي حڪمراني واري نظام جي تباهي هوندو.

هن چيو ته جيڪڏهن ايران جي بنيادي ڍانچي تي حملا ڪيا ويا ته انهن جا اثر جنگ جي ميدان کان ٻاهر به ظاهر ٿيندا.

محمد مخبر وڌيڪ چيو ته مغربي طاقتن طرفان اڍائي سئو سالن ۾ قائم ڪيل عالمي نظام تباهه ٿي ويندو، نظام جا بنيادي ٿنڀا ڪري پوندا ته پوءِ حڪم هلائڻ وارو مرڪز ۽ مارڪيٽ به محفوظ نه رهندي.

You might also like