اسرائيل جي تحفظ لاءِ فوج ۽ سامان گهٽ آهي: آمريڪي جنرل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي جنرل اليڪسز گرينڪيوچ اسرائيل جي تحفظ لاءِ دفاعي سامان ۽ فوجي اهلڪارن جي انگ ۾ گهٽتائي بابت پينٽاگون کي خبردار ڪري ڇڏيو.

يورپ ۾ آمريڪا جي اعليٰ فوجي جنرل اليڪسز گرينڪيوچ چيو آهي ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائلن کان اسرائيل کي هن وقت محفوظ رکڻ ناممڪن آهي.

هن چيو ته خطي ۾ آمريڪي بحري فوج جو انگ ايترو ناهي جو اسرائيل جو دفاع ڪري سگهي، ۽ نيوي ڊسٽرائرز جي کوٽ سبب هو اسرائيل بدران آمريڪا جي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ مجبور هوندا.

You might also like