آمريڪي ڌمڪين تي نه حيران ٿينداسين ۽ نه خاموش ويهنداسين: ايراني قائم مقام بچاءَ وارو وزير

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي قائم مقام بچاءَ واري وزير برگيڊيئر جنرل سيد مجيد ابن الرضا چيو آهي ته ايران هر خطري کي سنجيدگي سان وٺندو ۽ پنهنجي فوجي تيارين کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.

سندس اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان تازي بيان جي جواب ۾ سامهون آيو، جنهن ۾ هن ايران تي ممڪن زميني حملي جي ارادي کان پوئتي هٽڻ جو اشارو ڏنو هو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ قائم مقام ايراني بچاءَ واري وزير چيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا جا تازا بيان ”نفسياتي جنگ“  جو حصو آهن، پر ايران هر خطري کي حقيقي سمجهي ٿو.

You might also like