آبناءِ هرمز ٻيهر کولڻ تي اتفاق جون خبرون بي بنياد آهن: ايراني ميڊيا

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا ذريعن جي حوالي سان انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران آبناءِ هرمز ٻيهر کولڻ جي منصوبي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ايراني خبرون ڏيندڙ اداري وانا موجب ذريعن زور ڀريو آهي ته هن اهم سامونڊي رستي بابت ايران جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي.

ايران جي ڳالهين واري ٽيم جي ويجهن ذريعن تهران پاران آبنائي هرمز کولڻ بابت ڪنهن به معاهدي جون خبرون رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته ايران اهڙو ڪو به معاهدو ناهي ڪيو ۽ اهي رپورٽون مڪمل طور ڪوڙيون آهن.

You might also like