اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي 31 ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن مشتاق شاهه جي قتل جي سخت مذمت ڪندي سندس وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پهرين چوڌري لطيف اڪبر تي حملو ڪيو ويو ۽ هاڻي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن مشتاق شاهه کي قتل ڪيو ويو، جنهن سان مسلم ليگ (ن) جون نيتون واضح ٿي ويون آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن ڌانڌلي ذريعي مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪرايو ويو ته عوام جو رياست تي اعتماد ختم ٿي ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ الزام هنيو ته گولين، لٺين ۽ زور زبردستي ذريعي مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻي رهي آهي.
واضح رهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مظفرآباد ڊويزن جي 9 ۽ مهاجرن جي 12 تڪن تي پولنگ جاري آهي.