مير رضا علي جو قتل واقعو: سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گلستان جوهر مان نوجوان مير رضا علي خان جو لاش ملڻ واري واقعي ۾ قتل کان اڳ واري سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي.

فوٽيج ۾ مير رضا علي کي دراز مان هٿيار ڪڍندي ۽ پوءِ اهو هٿيار پنهنجي گاڏي ۾ رکندي ڏسي سگهجي ٿو.

سي سي ٽي وي ۾ اهو پڻ نظر اچي ٿو ته هٿيار گاڏي ۾ رکڻ کانپوءِ مير رضا ٻيهر رڌڻي (ڪچن) ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته هڪ ٻي فوٽيج ۾ صبح 4 لڳي 38 منٽن تي کيس واقعي واري هنڌ کان ڪجهه مفاصلي تي اڪيلو ويندي ڏٺو ويو آهي.

ياد رهي ته مير رضا علي خان 28 جولاءِ تي پي اي سي ايڇ ايس (PECHS) مان لاپتا ٿيو هو، جنهن جو لاش ٻن ڏينهن بعد گلستان جوهر مان هٿ آيو. هو صبح 4 لڳي 9 منٽن تي آن لائن ٽيڪسي ذريعي گهر مان نڪتو هو.

پوليس موجب مير رضا جو لاش انتهائي خراب حالت ۾ مليو، جڏهن ته کيس سيني ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. پوليس موجب لاش ملڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سندس سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ به بند ڪيا ويا هئا.

پوليس ٽيلي ڪام ڪمپني کان مقتول جي فون جو رڪارڊ ۽ ساڻس رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڊيٽا طلب ڪري ورتو آهي. ان کانسواءِ، جنهن آن لائن ٽيڪسي ۾ مير رضا سفر ڪيو هو، ان جي ڊرائيور کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هن مير رضا علي کي گلستان جوهر ۾ سندس ٻڌايل هنڌ تي لاٿو هو.

مقتول جي والد موجب مير رضا علي جو 30 آگسٽ تي گلشن اقبال جي بيت المڪرم مسجد ۾ نڪاح ٿيڻو هو، ۽ هو پنهنجي نئين زندگي جي شروعات بابت تمام گهڻو خوش هو.

You might also like