ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته نون صوبن جي قيام ۽ حڪمراني واري نظام جي ناڪامي بابت ڏنل بيان غير ضروري حساس بحث کي جنم ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته حڪمراني واري نظام جي ناڪامي جو سبب رڳو ملڪ ۾ چار صوبن جو وجود ناهي، پر اصل سبب جمهوريت جي عمل کي بار بار پٽڙي تان لاهڻ آهي.
هن چيو ته نظام جي ناڪامي جو هڪ وڏو سبب سول ۽ عسڪري بيوروڪريسي کي سياسي ڪردار ۽ فيصلا سازي ۾ غير معمولي اختيار ڏيڻ پڻ آهي.
رضا رباني وڌيڪ چيو ته اختيارن کي اسلام آباد ۾ مرڪوز ڪري وفاق کي ڪمزور ڪرڻ به نظامِ حڪمراني جي ناڪامي جو اهم سبب آهي.
هن اهو پڻ چيو ته آمرن کي آئين ۾ ترميمون ڪرڻ ۽ ان جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ به موجوده مسئلن جو اهم ڪارڻ رهيو آهي.