ملتان(ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 21 سال اڳ کيس ڪراچي جو ميئر بڻايو ويو ۽ 12 سال اڳ ايم پي اي چونڊيو ويو، پر ملڪ ۾ هر ڪو رڳو ڊوڙ ۾ لڳل آهي، جڏهن ته بنيادي مسئلن ڏانهن ڌيان نٿو ڏنو وڃي.
هن چيو ته هاڻوڪو نظام، جنهن ۾ هڪ وفاق ۽ چار صوبا آهن، هاڻي اثرائتو ثابت نه ٿي رهيو آهي. پاڪستان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڏو ملڪ آهي، تنهن ڪري بهتر انتظام لاءِ وڌيڪ انتظامي يونٽن يا صوبن جي ضرورت آهي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته رڳو اسپتالون ٺاهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، اصل ضرورت ماڻهن جي صحت جي بچاءَ تي ڌيان ڏيڻ جي آهي. هن چيو ته صحت جي سار سنڀال جي شروعات ٻارن جي پيدائش کانپوءِ ٿيندڙ حفاظتي ٽڪن کان ٿيندي آهي، پر ملڪ ۾ 68 سيڪڙو ٻار پاڻي وسيلي پکڙجندڙ بيمارين کان محفوظ ناهن، جڏهن ته گندي پاڻي جي صفائي لاءِ به ڪو مؤثر نظام موجود ناهي.
وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ پيدائش جي شرح 3.5 سيڪڙو، جڏهن ته معاشي واڌ جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي. هر سال لڳ ڀڳ 11 هزار عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان کي 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته دنيا پاڪستان کان 25 لک نرسون گهري رهي آهي. جيڪڏهن نوجوانن کي مهارتون سيکاريون وڃن ته هو ملڪ لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن ٿا.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته دوائن جون قيمتون گهٽائڻ يا وڌائڻ صحت واري وزير جو اختيار ناهي. پاڪستان ۾ ڊريپ ڪجهه دوائن جون قيمتون ضابطن کان آزاد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته قيمتن بابت فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ دوائون تيار ٿين ٿيون، پر انهن جي خام مال (اي پي آءِ) جي درآمد تي ڀاڙڻو پوي ٿو. ڪيترين ئي دوائن جي مارڪيٽ ۾ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب مريضن کي دوائون ايجنٽن کان ٻيڻي قيمت تي وٺڻيون پون ٿيون.