ايران مصر تي حملي کي اسرائيلي فالس فليگ قرار ڏئي ڇڏيو

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران، مصر کي پنهنجو دوست ۽ علائقي جو اهم ڀائيوار سمجهي ٿو، ۽ ان جي سلامتي ايران جي ترجيحن ۾ شامل آهي.

هن چيو ته سڀني کي اسرائيل جي اهڙين سازشن ۽ نام نهاد ”فالس فليگ“ ڪاررواين کان خبردار رهڻ گهرجي، جيڪي علائقي جي امن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيون وڃن ٿيون.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته اصل خطرو گڏيل آهي، جيڪو مسلمانن جي اتحاد کي درپيش آهي.

You might also like