آمريڪا کي بيگناهه ايرانين جي رت وهائڻ جو حساب ڏيڻو پوندو: ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا کي بيگناهه ايرانين جو رت وهائڻ جي قيمت ضرور ادا ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ موجب آمريڪا هر روز نون ڏوهن ۾ ملوث ٿي رهيو آهي ۽ ميناب کانپوءِ قشم ٻيٽ تي رهائشي آبادي کي به نشانو بڻايو.

هن چيو ته آمريڪا جڏهن جنگي ميدان ۾ ناڪامي ڏسي ٿو ته بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائي ٿو، پر ان جو حساب ضرور ٿيندو.

You might also like