ايران، اردن ۾ آمريڪي جهازن جي هينگرن جون سيٽلائيٽ تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ايراني دعويٰ موجب انهن تصويرن ۾ موفق السلطي ايئر بيس جا اهي هينگر ڏيکاريا ويا آهن، جتي آمريڪي ايف-35 ويڙهاڪ جهاز موجود هئا ۽ جيڪي مبينا طور ايراني جوابي حملن ۾ تباهه ٿيا.
پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنسرشپ ختم ڪئي وڃي ۽ دنيا کي صحيح ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.
واضح رهي ته ايران اڳ ۾ به اردن تي حملي دوران ٽي ايف-35 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن کي آمريڪا رد ڪري ڇڏيو هو.