پاڪستان، سعودي عرب تي حملي جي سخت مذمت ڪندي عراق ۾ ڪيل ڪارروائي کي سعودي عرب جو دفاعي حق قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت سعودي عرب کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي.
ترجمان موجب پاڪستان آمريڪا ۽ ايران تي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪويت سان دفاعي سهڪار واري معاهدي جي توثيق جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اردن ۽ بحرين سان به پاڪستان جا مضبوط دفاعي لاڳاپا موجود آهن.