آمريڪي سينيٽ ۾ ايران خلاف جنگ روڪڻ واري قرارداد رد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن ميمبرن، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ايران خلاف فوجي ڪارروايون جاري رکڻ جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

آمريڪي ميڊيا موجب قرارداد جي حق ۾ 49 ۽ مخالفت ۾ 50 ووٽ پيا.

رپورٽن موجب ٽن ريپبلڪن سينيٽرن ڊيموڪريٽن سان گڏجي قرارداد جي حمايت ڪئي، جڏهن ته هڪ ڊيموڪريٽ سينيٽر ريپبلڪن ميمبرن سان گڏجي قرارداد جي مخالفت ڪئي.

قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته ايران خلاف ڪنهن به جنگي ڪارروائي لاءِ آمريڪي ڪانگريس جي منظوري لازمي قرار ڏني وڃي.

You might also like