اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شعبي کي مرحليوار ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت هاءِ اسپيڊ ڊيزل (HSD) جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي عالمي ڪريڪ اسپريڊ کي موجوده لڳ ڀڳ 70 ڊالر في بيرل مان گهٽائي 35 کان 40 ڊالر في بيرل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن سان ملڪي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جون قيمتون گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ پيٽرول کي سرڪاري قيمتي ضابطن مان آزاد (ڊي ريگيوليٽ) ڪيو ويندو، جڏهن ته بعد ۾ ٻين پيٽروليم شين کي به ان نظام ۾ شامل ڪيو ويندو.
آءِ ايف اي ايم (IFEM) سڌارن تحت ملڪ ۾ پيٽروليم ڊپو پوائنٽن جو انگ 22 مان گهٽائي 11 ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب حڪومت جي پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي ايندڙ ٻن هفتن دوران وزيراعظم شهباز شريف کي پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگيوليشن بابت سفارشون پيش ڪندي، جڏهن ته ايندڙ هفتي تائين ڊيزل جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي بابت سفارشون حتمي شڪل اختيار ڪرڻ جو امڪان آهي.