آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن ڪميشن قائم ڪرڻ بابت قرارداد منظور

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز ڪيل ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن ڪميشن قائم ڪرڻ بابت قرارداد منظور ڪئي وئي.

رپورٽ موجب پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين پاران پيش ڪيل قرارداد ۾ آزاد ڪشمير ۾ فوري طور انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ ۽ ضلعي پونڇ ۾ پيش آيل واقعن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

رپورٽ موجب قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙ پنهنجو احتجاج ختم ڪن، جڏهن ته حڪومت به مظاهرين خلاف ڪارروائيون بند ڪري. ان سان گڏ ميرپور ڊويزن ۾ چونڊ ڌانڌلين بابت لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائڻ ۽ ايل اي-9 ڪوٽلي نڪيال تڪ ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن کان موقف طلب ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.

واضح رهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جو ٻيو مرحلو 2 آگسٽ تي ٿيندو، جنهن دوران مظفرآباد ڊويزن جي ٽن ضلعن ۽ 12 مهاجرن لاءِ مخصوص سيٽن تي پولنگ ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۾ رهندڙ ڪشميري مهاجر پڻ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

You might also like