مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير براءِ ڪشمير امور امير مقام، آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بار بار ڌمڪيون ڏيڻ مناسب ناهي، کين اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان وياسين ته سڀ گڏ وينداسين.
مظفرآباد جي علائقي کاوڙا ۾ مسلم ليگ (ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته ميرپور جي عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي الزام هڻڻ بدران اهو جائزو وٺڻ گهرجي ته عوام کيس ڇو رد ڪيو.
رپورٽ موجب هن دعويٰ ڪئي ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ انتظاميا پيپلز پارٽي جي اثر هيٺ آهي، تنهن هوندي به چونڊن بابت بي بنياد الزام لڳائڻ بدران عوام جي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي.
امير مقام چيو ته پيپلز پارٽي پاڻ به موجوده نظام جو حصو آهي ۽ اهم آئيني عهدن تي آهي، تنهن ڪري ڌمڪين واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري مظفرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير جون چونڊون چوري ڪيون ويون ته وفاقي حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي ويندي.
ٻئي پاسي وفاقي وزير براءِ منصوبابندي احسن اقبال پڻ بلاول ڀٽو جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهي ته چونڊون شفاف سمجهيون وڃن ٿيون، پر آزاد ڪشمير ۾ شڪست کان پوءِ ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ مناسب ناهي. هن بلاول ڀٽو تي زور ڏنو ته چونڊ نتيجن کي قبول ڪري ۽ سياسي روايتن موجب ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏئي.