راولپبنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروايون تيزي سان جاري آهن ۽ دهشتگردن وٽ ٻه ئي رستا آهن، يا ته قانون موجب هٿيار ڦٽا ڪن يا سيڪيورٽي فورس کين ختم ڪري ڇڏيندي.
رپورٽ موجب دهشتگردي ٽوڙ بابت پريس بريفنگ دوران هن چيو ته گذريل پنجن سالن دوران سڄي ملڪ ۾ 40 هزار کان وڌيڪ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيا ويا، جن مان بلوچستان ۾ 31 هزار ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 7 هزار 177 آپريشن شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب هلندڙ سال دهشتگردي جي واقعن ۾ 819 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ پاڪ فوج جا 303 جوان ۽ 322 شهري شامل آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز 2 هزار 84 تصديق ٿيل دهشتگردن کي ماريو آهي. هن چيو ته فورس روزانو سراسري طور 194 آپريشن ڪري رھي آھي ۽ هر روز لڳ ڀڳ 10 دهشتگرد ماريا پيا وڃن.
ليفتيننٽ جنرل احمد شريف دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي بم ڌماڪن ۽ آپگھاتي حملن ۾ افغان شهري ملوث رهيا آهن، جڏهن ته افغانستان جي طالبان حڪومت دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي.
هن بلوچستان بابت ڳالهائيندي چيو ته صوبي جي صورتحال بابت ڄاڻي واڻي منفي پروپيگنڊا ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته بلوچستان جو اصل مسئلو ڪجهه سردار ۽ اشرافيه آهن، جيڪي غريب ماڻهن جي ترقي نٿا چاهين. هن چيو ته رياست بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف قدمن تي عمل ڪري رهي آهي، جن ۾ آءِ ٽي تعليم جا پروگرام پڻ شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت سان لاڳاپيل 300 کان وڌيڪ جعلي ويب سائيٽون بلوچستان بابت ڪوڙو پروپيگنڊا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا ذريعي نفرت ۽ ورهاست کي هٿي ڏني پئي وڃي.
افغان پناهگيرن بابت هن چيو ته 26 لک کان وڌيڪ افغان شهري واپس موڪليا ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ رهڻ لاءِ قانون موجب ويزا ۽ رجسٽريشن لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسمگلنگ خلاف ڪاررواين دوران لڳ ڀڳ 25 ارب رپين جو اسمگل ٿيل سامان ضبط ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ساڍا چار هزار کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته قومي سلامتي لاءِ سٺي حڪمراني انتهائي اهم آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد سان ئي دهشتگردي جو مستقل خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.
ڪشمير بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو هو، آهي ۽ رهندو، جڏهن ته ڪشمير جو مستقبل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب طئي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جا گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب سان ويجها ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ انهن بابت هلندڙ منفي پروپيگنڊا حقيقتن جي ابتڙ آهي.
آخر ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي طاقت شهيدن جي قربانين تي بيٺل آهي ۽ وطن جي دفاع لاءِ جان قربان ڪندڙ هميشه قوم جا هيرو رهندا.