بلوچستان ۾ هٿياربندن 6 غير مقامي مزدورن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ڪيچ ضلعي جي ناصرآباد واري علائقي ۾ هٿياربندن 6 غير مقامي مزدورن کي قتل ڪري ڇڏيو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، هٿياربندن 27 جولاءِ تي غير مقامي مزدور جاويد کي قتل ڪرڻ کانپوءِ 6 ٻين مزدورن کي اغوا ڪري ويا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اغوا ڪيل سڀئي 6 مزدور پڻ قتل ڪيا ويا آهن. مزدورن ۾ محمد ارشد، محمد تيمور، محمد پرويز، محمد وزير، محمد امجد ۽ محمد يحيٰ شامل آهن.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، قتل ٿيل مزدورن مان 4 جو تعلق پنجاب، جڏهن ته 2 جو تعلق خيبرپختونخوا سان هو.

ذريعن موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي ماشخيل واري علائقي ۾ به 5 غير مقامي مزدورن کي قتل ڪيو ويو هو. اهي سڀئي مزدور بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا هئا.

You might also like