لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺ دٻجي 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب، باغبانپورا جي سُک نهر ڀرسان گهر جي ڇت اوچتو ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ اچي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻن حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿيا.
ريسڪيو اختيارين موجب، زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي قيمتي انساني جاني نقصان تي افسوس ظاهر ڪيو ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ٻئي پاسي فيصل آباد ۾ به برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.