پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جا اگهه سنگاپور مارڪيٽ سان جڙيل آهن: وفاقي وزير پيٽروليم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون سنگاپور مارڪيٽ ۾ مقرر ٿيندڙ اگهن جي بنياد تي طئي ڪيون وڃن ٿيون.

سينيٽ جي پيٽرول واري قائمه ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪاميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اوگرا جي چيئرمين ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني.

اوگرا جي چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون خام تيل جي اگهن جي بنياد تي مقرر ناهن ٿينديون. جيڪڏهن قيمتن جو اعلان روزانو بدران هفتي يا پندرهن ڏينهن کانپوءِ ڪيو وڃي ته واڌ وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي لاڳو ليوي اڄ به انهن ڏينهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، جڏهن جنگ شروع ٿي هئي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون خام تيل سان نه، پر عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن سان ڳنڍيل آهن.

علي پرويز ملڪ موجب، پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون سنگاپور مارڪيٽ جي اگهن موجب مقرر ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته شروعاتي ٻن ٽن ڏينهن دوران تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي، پر گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان بمباري کانپوءِ قيمتن ۾ ٻيهر واڌ شروع ٿي وئي آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيادت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مستقل جنگبندي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. جيڪڏهن جنگبندي ٿي وئي ته پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽجي سگهن ٿيون، ٻي صورت ۾ آءِ ايم ايف پروگرام هيٺ رهندي قيمتون گهٽائڻ ممڪن نه هوندو.

هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر جنگ نه رڪي ته صوبائي حڪومتن سان صلاح مشوري بعد ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو نظام ٻيهر متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like