سعودي، پاڪستان کي ڏنل قرض موٽائي ڏيڻ جي مهلت وڌائي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب پاڪستان جو 5 ارب آمريڪي ڊالرن جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، سعودي عرب اهو قرض ٽن سالن لاءِ رول اوور ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب هي قرض گڏيل عرب امارات کي ادائيگيون ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي فراهم ڪيو هو.

ذريعن موجب، شروعاتي طور اهو قرض پاڪستان کي ٽن مهينن لاءِ ڏنو ويو هو.

You might also like