سعودي بچاءَ واري وزير جي ٽرمپ سان هنگامي ملاقات، شهزادي بن سلمان جو خاص نياپو پڄايو!

سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير شهزادو خالد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان هنگامي ملاقات ڪئي.

آمريڪي ميڊيا موجب، ملاقات جو مقصد سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جو خاص پيغام آمريڪي قيادت تائين پهچائڻ هو.

ان کان اڳ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سان ملاقات دوران سعودي بچاءَ واري وزير چيو ته سعودي عرب ايران سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي چاهي ٿو.

هن چيو ته ايران جي حمايت يافته عراقي مليشيائن بنيادي ڍانچي ۽ توانائي هنڌن تي حملا ڪري حدون اورانگهيون، جنهن سبب جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي.

سعودي بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته عراق ۾ ڪيل ڪارروائي جو مقصد ڇڪتاڻ وڌائڻ نه، پر اهو واضح ڪرڻ هو ته سعودي عرب پنهنجي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

هن جي ڊي وينس کي ٻڌايو ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ايران سان ڇڪتاڻ وڌائڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته سعودي عرب ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو خواهشمند آهي، ڇو ته اهو وڌيڪ فائديمند رستو آهي.

آمريڪي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته عراق تي حملن جو مقصد حوثين کي واضح پيغام ڏيڻ هو. سعودي بچاءَ واري وزير آمريڪي نائب صدر کي آگاهه ڪيو ته سعودي عرب حوثين کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته حوثين جي معاملي ۾ في الحال آمريڪا جي مداخلت جي ضرورت ناهي.

سعودي بچاءَ واري وزير اهو پڻ ٻڌايو ته حوثين سان ڳالهيون به جاري آهن.

You might also like