پاڪستان چين جو 1.4 ارب آمريڪي ڊالرن جو ڪمرشل قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪجهه هفتن اندر ٻيهر فنانسنگ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته جولاءِ دوران 2.2 ارب ڊالرن جا پرڏيهي قرض ادا ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ هلندڙ مالي سال لاءِ پرڏيهي قرضن جي ادائيگين جو گڏيل حجم 26.5 ارب ڊالرن مان گهٽجي 21.5 ارب ڊالر رهجي ويو آهي، جڏهن ته 3.5 ارب ڊالر رڳو وياج جي ادائيگي لاءِ رکيا ويا آهن.
سينيٽ جي ناڻي واري قائمه ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي جميل احمد چيو ته هلندڙ سال قرضن جي ادائيگين جو دٻاءُ گهٽائڻ ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تي عمل جاري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ۽ چين کان 12 ارب ڊالرن جي رول اوور سهولت گهربل هوندي. پاڪستان چين کي 1.4 ارب ڊالرن جو ڪمرشل قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چيني بئنڪن اڃا تائين ان قرض جي ٻيهر فنانسنگ نه ڪئي آهي، پر اميد آهي ته ڪجهه هفتن جي دير کانپوءِ اها رقم ٻيهر اسلام آباد کي فراهم ڪئي ويندي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اهو به انڪشاف ڪيو ته گذريل ٽن سالن دوران مرڪزي بئنڪ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ 28 ارب ڊالر خريد ڪيا آهن.
هن چيو ته جولاءِ 2026 دوران 2.2 ارب ڊالرن جا پرڏيهي قرض ادا ڪيا ويا، جن ۾ چين کي واپس ڪيل 1.4 ارب ڊالرن جو ڪمرشل قرض ۽ باقي 80 ڪروڙ ڊالر ٻين قرضن جي ادائيگين تي خرچ ڪيا ويا.