ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ اعلانيل 20 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.
پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي آءِ ڊي سي ايل)، جيڪا پاڪستان جي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي ماتحت ڪم ڪري ٿي، ڪراچي جي 504 ۽ حيدرآباد جي 17 ترقياتي منصوبن جا ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي حڪومت اهي فنڊ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت فراهم ڪري رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي مالي سال 2023-24 دوران هن پيڪيج جو اعلان ڪيو هو. اهي منصوبا ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي تجويز ڪيل اسڪيمن لاءِ رکيا ويا هئا. وفاقي حڪومت ان وقت ئي رقم پي آءِ ڊي سي ايل جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏي هئي، پر منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ، ايڪنڪ ۽ ٻين لاڳاپيل فورمن کان منظوري وٺڻ سميت مختلف مرحلا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هاڻي 28، 29 ۽ 30 جولاءِ تي انهن جا ٽينڊر کوليا ويا آهن.
ڄاڻايل سڀني منصوبن تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر عملي ڪم شروع ڪيو ويندو.
انهن منصوبن ۾ رستن ۽ گهٽين جي اڏاوت، پيور بلاڪ وڇائڻ، اسٽريٽ لائيٽن جي لڳائڻ، پاڻي ۽ نيڪال جي ناليون ٺاهڻ، بلديا ٽائون ۾ پنج پنج لک گيلن گنجائش وارن ٻن زمين هيٺ پاڻي جي ٽينڪن جي اڏاوت، ڪجهه سرڪاري اسپتالن کي طبي مشينري ۽ سامان فراهم ڪرڻ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جا منصوبا شامل آهن.