سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اربين جا منصوبا ايف ڊبليو او حوالي ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ساڍا 8 ارب رپين جي لاڳت سان چار وڏا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، جن مان ٽن منصوبن تي آگسٽ مهيني دوران باضاطبا طور ميداني ڪم شروع ڪيو ويندو.

انهن منصوبن جي اڏاوت جي ذميواري سنڌ حڪومت ايف ڊبليو او حوالي ڪري ڇڏي آهي.

اهم منصوبن ۾ سپر هاءِ وي (ايم نائن) تي ناردرن بائي پاس ڀرسان هڪ فلاءِ اوور (انٽرچينج) جي اڏاوت پڻ شامل آهي.

موٽر وي مٿان فلاءِ اوور تعمير ٿيڻ سبب سنڌ جي مڪاني کاتي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي فلاءِ اوور جناح ايونيو، ملير ڪينٽ روڊ کان حيدرآباد ويندڙن ۽ سهراب ڳوٺ سبزي منڊي کان جناح ايونيو طرف ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ کي سهولت فراهم ڪندو، جنهن سان موٽر وي جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ گاڏين کي ڊگهو يو ٽرن وٺڻ جي ضرورت نه رهندي.

هن منصوبي جي لاڳت جو ڪاٿو 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ جناح ايونيو جي بحالي ۽ خوبصورتي جو ڪم پڻ شامل آهي.

ٻين اهم منصوبن ۾ موٽر وي تي الصف اسڪوائر سامهون ابوالحسن اصفهاني روڊ کي ملائڻ لاءِ انٽرسيڪشن تي فلاءِ اوور جي اڏاوت شامل آهي، جنهن جي لاڳت 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا آهي ۽ ان تي پڻ آگسٽ ۾ باقاعدي ڪم شروع ڪيو ويندو.

هي فلاءِ اوور هر پاسي کان ايندڙ ٽرئفڪ جي رواني کي بهتر بڻائيندو.

ان کانسواءِ هاڪس بي روڊ تي واءِ جنڪشن کان مڇي چوڪ تائين ساڍا 8 ڪلوميٽر ڊگهي رستي ۽ مڇي چوڪ کان ڪاڪا پير ويندڙ رستي جي اڏاوت به منصوبي ۾ شامل آهي، جنهن جي گڏيل لاڳت 4 ارب 16 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. ان منصوبي تي پڻ آگسٽ دوران ڪم شروع ڪيو ويندو.

انکانسواءِ گڏ ملير هالٽ انڊر پاس جي اڏاوت تي به جلد ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي.

You might also like