اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سينيٽ جي ناڻي واري قائمه ڪاميٽي جي اجلاس دوران ايف بي آر عملدارن ٻڌايو ته مالي سال 2025-26 دوران بجلي جي بلن تي ٽيڪسن جي مد ۾ 476 ارب رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي وئي.
ايف بي آر موجب، ان رقم مان 351 ارب رپيا سيلز ٽيڪس ۽ 124 ارب رپيا انڪم ٽيڪس طور اوڳاڙيا ويا.
عملدارن ٻڌايو ته مالي سال 2024-25 دوران 562 ارب رپيا، مالي سال 2023-24 ۾ 515 ارب رپيا ۽ مالي سال 2022-23 ۾ 313 ارب رپيا بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪسن جي صورت ۾ گڏ ڪيا ويا هئا.
ايف بي آر موجب، گذريل مالي سال دوران وِدهولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ صنعتي واهپيدارن کان 66 ارب رپيا، واپاري واهپيدارن کان 52 ارب رپيا، نان فائلر گهريلو واهپيدارن کان 4 ارب 82 ڪروڙ رپيا ۽ انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 235-اي تحت گهريلو واهپيدارن کان هڪ ارب 37 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا.
عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته سيلز ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪيل 351 ارب رپين مان 269 ارب رپيا عام سيلز ٽيڪس، 55 ارب رپيا اضافي ٽيڪس، 55 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس، جڏهن ته 16 ارب 50 ڪروڙ رپيا پرچون واپارين کان بجلي جي بلن وسيلي وصول ڪيا ويا.
اجلاس دوران بئنڪن ۾ عورتن لاءِ برقو پائڻ لازمي قرار ڏيڻ وارو معاملو پڻ اٿاريو ويو.
سينيٽر زرقا چيو ته ڪيترين ئي بئنڪن ۾ عورتن کي برقو پائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
ان تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته اسٽيٽ بئنڪ سڀني بئنڪن کي واضح هدايتون جاري ڪري چڪي آهي ته ڪنهن به عورت کي برقو پائڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي.
قائمه ڪاميٽي بئنڪن کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان باضابطه سرڪيولر جاري ڪري ان جي رپورٽ ڪاميٽي کي پڻ موڪلي وڃي.