Share پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته قانوني ويزا يا سفري دستاويز رکندڙ ڪنهن به افغان شهري کي پاڪستان مان بي دخل نه ڪيو ويو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته آءِ ايف آر پي پروگرام تحت لڳ ڀڳ 89 هزار افغان شهرين جي ڪيسن تي ڪارروائي جاري آهي. طاهر اندرابي موجب، انساني همدردي جي بنياد تي لڳ ڀڳ 16 هزار عورتن، ٻارن ۽ عمر رسيده افغان شهرين جي پاڪستان ۾ رهائش جي مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته چترال ڀرسان سرحدي علائقي ۾ پيش آيل واقعي بابت هيل تائين ڪا به تصديق ٿيل ڄاڻ موجود ناهي. افغانستان مان ملندڙ اطلاعن جي زميني سطح تي تصديق ضروري آهي، تنهن ڪري غير تصديق ٿيل رپورٽن تي تبصرو ڪرڻ مناسب نه آهي. Continue Reading Share FacebookWhatsAppTwitterLinkedinInstagramEmailPinterest