آمريڪي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي ڏاکڻين بندرگاهن تي ٻيهر لاڳو ڪيل سامونڊي ناڪابندي تحت هيل تائين 20 واپاري جهاز واپس موڙيا ويا آهن.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب هن مهيني جي شروعات ۾ ناڪابندي ٻيهر لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پهرين 18 جهازن جو رخ موڙيو ويو هو، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ ٻه واپاري جهاز به واپس موٽايا ويا.
سينٽڪام وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي فوج ٻن جهازن کي ناڪارا بڻايو، جڏهن ته ٻن ٻين جهازن تي چڙهي تلاشي ۽ ڪارروائي پڻ ڪئي وئي.